تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ

تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ: هندستان تي انگريزن جي قبضي، ظلم۽ ناانصافي خلاف هندن توڙي مسلمانن گڏجي بغاوت ڪئي ۽ آزاديءَ لاءِ هلچل شروع ڪئي، انھن تحريڪن ۾ لاڙها چاڙها به ايندا رهيا. اها هڪ گڏيل تحريڪ هئي، جنھن جو مقصد صرف انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ هو. جڏهن ته تحريڪ پاڪستان جي آغاز بابت مختلف مؤرخن ۽ مصنفن پنھنجا پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن. ڪن اردو جي مؤرخن ته ان کي هندستان ۾ اسلام جي آمد واري دور سان ڳنڍيو آهي، جيڪو ڪنھن حد تائين مناسب نه آهي، ڇو ته اهو گهڻو اڳ جو دور آهي. ڪي مصنف وري1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کان ئي پاڪستان جي تصور بابت دعويٰ ڪن ٿا. پر حقيقت ۾ پاڪستان يا مسلمانن لاءِ الڳ رياست جو خيال گهڻو پوءِ پيش آيو ۽ ان تي ڀرپور طريقي سان پيش رفت ٻه قومي نظريي کان پوءِ ٿي. (وڌيڪ ڏسو: ٻه قومي نظريو) انگريز، جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بھاني (ڏسو: انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني) هندستان تي قابض ٿيا ۽ مختلف طريقن سان هندن توڙي مسلمانن جي حق تلافي ڪندا رهيا. انھن کان آزادي حاصل ڪرڻ به هندن توڙي مسلمانن جو گڏيل مسئلو هو. پر جيئن ته مسلمانن وٽ الڳ مذهب، ريتن رسمن ۽ آباديءَ جو فرق واضح هو، تنھن ڪري الڳ رياست جي سوچ جنم ورتو. ان ڏس ۾ مختلف رايا منظر عام تي ايندا رهيا، جن مان ڪجهه حوالا هتي پيش ڪجن ٿا. 1883ع ۾ ڊبليو ايس بلنٽ چيو هو ته: ”هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائجي، اترين حصي تي مسلمانن جي حڪومت هجي ۽ ڏاکڻين حصي تي هندن جي؛“1984ع ۾ سرجان اسٽريجي جو چوڻ هو ته: ”هندستان نه ڪڏهن هڪ هو نه هڪ آهي. برطانوي راڄ سان جيڪو اتحاد پيدا ڪيو ويو هو، اهو هڪ منصوبو آهي ۽ ان سان ته ڪڏهن به قوم متحد نه ٿي سگهندي؛“ 1890ع ۾ مولانا عبدالحليم شرر چيو ته: ”بھتر ٿيندو ته هندستان ۾ هندو ۽ مسلمان صوبن ۾ ورهاست ڪري، آباديءَ جي مٽاسٽا ڪئي وڃي؛“ 1899ع ۾ ٿيوڊور مارسين جو چوڻ هو ته: ”مسلمان پاڻ کي هندستاني تصور نه ٿا ڪن، گڏيل هندستان جو قيام ناممڪن آهي، مسلمانن ۾ هڪ گڏيل قوم جون سموريون خاصيتون موجود آهن، سواءِ علائقي جي.“ 1921ع ۾ مولانا حسرت موهاني، اهو خيال پيش ڪيو ته ”مسلمان اڪثريتي صوبن کي مسلم رياستن ۽ هندو اڪثريتي صوبن کي، هندو رياستن ۾ تبديل ڪيو وڃي؛“ 1923ع ۾ ڀائي پرمانند، اهو خيال سامهون آندو ته: ”هندستان کي اهڙي نموني ورهايو وڃي جو، هڪڙي خطي ۾ اسلام کي سرسري حاصل هجي ۽ ٻئي ۾ هندومت کي سرسري حاصل هجي؛“ 1928ع ۾ مولانا اشرف علي چيو ته: ”ھندستان ۾ هڪ ڌار مسلم رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي“. 1928ع ۾ سر آغا خان اڳڪٿي ڪندي چيو ته: ”جڏهن هندستان غير ملڪي قبضي مان آزاد ٿي ويندو ته ان جي مضبوطي برقرار نه رهي سگهندي ۽ اتر، اوڀر ۽ اولھه جا مسلمان پنھنجون ڌار رياستون ٺاهيندا؛“ 1928ع ۾ مشھور صحافي مولانا مرتضيٰ احمد خان ميڪش اهو خيال پيش ڪيو ته: ”هڪ مسلمان ملڪ جو قيام عمل ۾ اچڻ گهرجي، جيڪو پنجاب، سنڌ بلوچستان ۽ سرحدي علائقن تي مشتمل هجي ۽ ان مطالبي کي بين الاقوامي طور تي مڃيل اظھار جي آزاديءَ واري حق تحت منظور ٿيڻ گهرجي؛“ ان بعد حالتن کي مد نظر رکندي 1928ع ۾ نھرو رپورٽ جي منظوري وقت قائداعظم محمد علي جناح پنھنجو تاثر ڏيندي چيو هو ته: ”هي رستا ڌار ٿيڻ جو وقت آهي؛“ 1929ع ۾ نواب ذوالفقار علي خان چيو هو ته ”مسلمانن کي بجاءِ حقن جي، ڌار ملڪ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.“ 1930ع ۾ علامه اقبال الھه آباد واري خطبي ۾ چيو هو ته: ”بھتر ائين ٿيندو ته پنجاب، اترين، اولاهين سرحدي صوبي، سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي، هڪ رياست ٺاهجي، جيڪا برطانـــوي سلــطنــت جي انـــدر يــا ٻــاهر خودمختياري رکندي هجي.“ 1933ع ۾ چوڌري رحمت علي هڪڙو ڪتابڙو بعنوان ”اب يا ڪڀي نھين“ شايع ڪيو، جنھن ۾ لفظ ”پاڪستان“، پھريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو، ”پ“ پنجاب مان، ”ا“ افغان صوبي مان، ”ڪ“ ڪشمير“ مان، ’س‘ سنڌ مان ۽ ’تانبلوچستان جي آخري حرفن مان کڻي، هي نالو ٺاهيو ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ قرارداد پيش ڪئي ته: ”هندستان کي مسلم وفاق ۽ هندو وفاق ۾ ورهايو وڃي“. 1938ع کان 1939ع دوران مختلف ماڻهن ڌار رياست جي قيام جون تجويزون پيش ڪيون، جن ۾: چوڌري خليق الزمان، سر حاجي عبدالله هارون، پير علي محمد راشدي، عبدالرحمٰن صديقي، ميان ڪفايت علي، ڊاڪٽر سيد ظفر الحسن، ڊاڪٽر محمد افضال حسين قادري، مولانا عبدالستار نيازي، ظفر علي گوندل، محمد شريف طوسي، مولوي محمد فاروق، عبدالودود، مولانا راغب احسن، مولانا ظفر علي خان، الله بخش يوسفي ۽ ٻيا شامل هئا. 1938ع کانپوءِ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ نئين سر تنظيمسازيءَ ڪري قائداعظم جي قيادت ۾ فعال ٿي وئي. 4 فيبروري 1940ع تي دهلي ۾ ٿيل مسلم ليگ جي مجلس عامله ۽ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته، ان جي باقاعدي تجويز ايندڙ مھيني مارچ ۾، لاهور ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس ۾ پيش ٿيندي. 6 فيبروريءَ 1940ع تي قاعداعظم وائسراءِ هند، لارڊ لينلٿگو سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي اڳيان واضح ڪيو ته، مسلم ليگ پنھنجي لاهور واري عام جلسي ۾، هندستان جي ورهاست جو مطالبو ڪرڻ واري آهي. 23 مارچ 1940ع تي قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيل ستيتاليھين اجلاس ۾ ”قرارداد لاهورپيش ڪئي ويئي، جيڪا بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪئي. 24 مارچ 1940ع تي ”قرارداد لاهور“ جي عام جلسي ۾ منظوري ڏني وئي. جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙي، عبدالمجيد شيخ، خان اورنگزيب خان، سر عبدالله هارون، نواب اسماعيل خان، قاضي محمد عيسيٰ، بيگم مولانا محمد علي جوهر، آءِ آءِ چندريگر، مولانا عبدالحامد بدايوني ۽ ٻين ان جي تائيد ڪئي. اها ئي قرارداد بعد ۾ ”قرارداد دهلي“ سان شامل ٿي ”قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان مشھور ٿي. قرارداد لاهور: 22، 23 ۽ 24 مارچ تي لاهور ۾ ڪل هند مسلم ليگ جي ستاويھين اجلاس ۾ اهو تاريخي ٺھراءُ منظور ڪيو ويو. جنھن کي”پاڪستان جو ٺھراءُ“ چيو وڃي ٿو. هي اجلاس ڏاڍو مھلائتو ثابت ٿيو. برطانيه سرڪار اعلان ڪيو ته قانون حڪومت هند مجريه 1935ع ۾ جنھن پاليسيءَ جو ذڪر ڪيل آھي، ان ۾ ترميم ضروري ٿي پئي آهي. انھيءَ قانون ۾ وفاق هند واري تجويز کي اڳيئي ملتوي ڪيو ويو هو ۽ هڪ نئين تجويز ۾ مسلمانن جي نقطهء نظر تي غور ڪرڻ ضروري سمجهيو پئي ويو. انھيءَ ڪري موقعي جي مناسبت سان اهو ضروري ٿي پيو هو ته جنھن قسم جو آئين مسلمانن چاهيو ٿي، ان جي وضاحت ڪئي وڃي. لاهور جي ٺھراءُ جو اهو ئي مقصد هو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن براعظم (هندستان) جي اتر الھندي ۽ اوڀرندي حصن کي جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، انھن کي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو وڃي ته جيئن اهي آزاد رياستن جا آئيني يونٽ (وحدتون) بڻجي پون، جيڪي پنھنجي سر خودمختيار ۽ خودڪار هجن. قرارداد لاهور جي عبارت ”مينارِ پاڪستان“ تي اُڪريل آهي. جيڪا هن ريت آهي: (1) آئيني مسئلي تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلسِ عامله (ورڪنگ ڪميٽي) جي هن قدم جي تائيد ۽ توثيق ڪندي، جيڪو هن جي 27 آگسٽ، 17 ۽ 18 سيپٽمبر، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿو. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو هيءُ اجلاس، ان تي زور ڏئي ٿو ته اهو وفاقي منصوبو، جنھن جو ذڪر گورنمينٽ انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي، قطعاً غير موزون، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر، ناقابل عمل ۽ هندستاني مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو ناهي. (2) هن اجلاس جي حتمي راءِ هيءَ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ حڪومت طرفان ڪيو ويو، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي ته جنھن مسلڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع مبني آهي، ان تي هندستان جي مختلف جماعتن، مفادن ۽ فرضن جي مشورن سان ٻيھر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. پر هندستاني مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندو، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي نئين سر غور نه ڪيو وڃي ۽ ڪو نئون منصوبو مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو نه هوندو، جيستائين اهو انھن جي رضامنديءَ ۽ منظوريءَ سان ترتيب نه ڏنو وڃي. (3) طئي ڪيو ويو ته انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هي گڏيل راءِ آهي ته ڪو به آئيني منصوبو ايستائين هن ملڪ ۾ عمل ۽ مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو نه هوندو، جيستائين هنن بنيادي اصولن تي نه جوڙيو وڃي. يعني جاگرافيائي طور تي لاڳاپيل وحدتن جي حد بندي اهڙن خطن ۾ ڪئي وڃي (مناسب علائقائي ڦير ڦار سان گڏ) ته جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جي اترئين، اولاهين ۽ ڏاکڻين حصي جي جوڙجڪ اهڙي ”آزاد رياستن“ جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جنھن ۾ شامل وحدتون خودمختيار ۽ حاڪميت جو حق رکندڙ هجن. انھن وحدتن ۽ خطن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ انھن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انھن جي ۽ ٻين اقليتن جي مذهبي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب، موثر ۽ حڪمي تحفظ انھن جي مشوري سان ۽ آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته هي اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو انھن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪن، جنھن جي روشنيءَ ۾ ذڪر ڪيل علائقن کي ڪل اختيار حاصل ٿي وڃن. مثلاً: دفاع، پرڏيھي معاملا، ڳانڍاپي جا وسيلا، ڍل ۽ اهڙا ٻيا معاملا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن.“ قرارداد لاهور جي محرڪن ۽ تائيد ڪندڙن جي تقريرن ۾ ”پاڪستان“ جو لفظ ته استعمال نه ڪيو ويو هو، ها باقي امجدي بيگم (مولانا محمد علي جوهر جي گهر واري) پنھنجي تقرير ۾ ان کي ”قرار دادِ پاڪستان“ چيو. اهو به ان جي ڪري ته چوڌري رحمت علي جي ڪوشش سان لفظ ”پاڪستان“ مشھور ٿي چڪو هو. پر ڪانگريس جي هندو پريس هن لفظ کي طنزيه طور تي ايترو ته اڀاريو، جو هي لفظ ازخود هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي ويو. پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ پٺيان مٿي ڏنل پس منظر جو عمل دخل آهي. 1940ع جي اجلاس ۾ قائداعظم صدارتي تقرير ڪندي چيو هو ته ”مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جا هندو دوست، اسلام ۽ هندومت جي فرق جي نوعيت کي سمجهڻ کان لاچار ڇو آهن. اسلام ۽ هندو رڳو مذهب ناهن، پر حقيقت ۾ ڌار معاشرتي نظام آهن. اهو ٺلهو خواب آهي ته هندو ۽ مسلمان گڏجي هڪ گڏيل قوميت تخليق ڪري سگهن ٿا. قائدِ اعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل هندستاني قوم جو غلط تصور حد کان وڌي ويو آهي، اها ئي اسان جي ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ مسئلن جي اصل پاڙ آهي. جيڪڏهن اسان پنھنجي تصورن جي وقتائتي اصلاح نه ڪئي ته هندستان تباهه ٿي ويندو ۽ مسلمان مختلف مذهبن، فلسفن، معاشرتي نظامن سان واسطو رکن ٿا، جن جو بنياد اهڙن فڪرن ۽ تصورن تي پيل آهي، جيڪي هڪٻئي جي ضد ۾ آهن. انھن جي زندگيءَ جو نظريو مختلف آهي. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته هندو ۽ مسلمان پنھنجون، پنھنجون تمنائون ۽ احساس مختلف رکن ٿا. انھن جا ڪتاب مختلف، آدرشي ڪردار مختلف ۽ ڪھاڻيون مختلف آهن. اڪثر ڪري هڪ قوم جو هيرو، ٻي قوم جو دشمن هوندو آهي، هڪ قوم جي فتح، ٻي قوم جي شڪست هوندي آهي. اهڙين ٻن جدا قومن کي رياست تحت زبردستي گڏ ڪرڻ عددي لحاظ کان اقليت ۽ اڪثريت جو به وڏو فرق آهي. اھڙي حالت ۾ لازمي طور تي بي اطميناني پيدا ٿيندي ۽ هر اهو آئيني ڍانچو نيٺ تباهه ٿي ويندو، جيڪو اهڙي رياست لاءِ ٺاهيو ويندو.“ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”قرارداد پاڪستان“ جي منظوري: 3 مارچ 1943ع تي سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺھراءُ منظور ڪيو. جيڪو محترم جي. ايم. سيد پيش ڪيو. ان اجلاس ۾ جيڪي ميمبر شريڪ ٿيا هئا انھن ۾: شيخ عبدالمجيد، آکجي رتنسنگهه سوڍو، علي گوهر خان مھر، الله بخش خداداد خان گبول، الله داد خان، امام بخش خان ٽالپر، امير علي ٺارو خان لاهوري، ارباب توڳاچي، مير محمد ٽالپر، خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر، ڏيئل مل دولترام، غلام علي خان ٽالپر، غلام الله خان مير، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، غلام مرتضيٰ شاهه، غلام النبي شاهه، گوبند رام پريتم داس، گوڪلداس ميولداس، هيمنداس روپچند واڌواڻي، هوسيڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊبليو. بي، هوتچند هيرانند، پير الاهي بخش، جان محمد جوڻيجو، جينو ٻائي جي. الانا، قيصر خان، غلام محمد خان، لولومل ريواچند، ماهن ڪرنل ايڇ جي، سيد محمد علي شاهه، محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، نواب غيبي خان چانڊيو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف خان چانڊيو، نھچلداس ڇتومل وزيراڻي، سيد نور محمد شاهه، پرتاب راءِ، خير سکداس، رسول بخش خان انڙ، شمس بارڪزئي ۽ سھراب خان سرڪي شامل هئا. جي. ايم. سيد اسپيڪر جي اجازت سان پاڪستان جو ٺھراءُ پيش ڪندي چيو ته: ”هي ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو ته هز ايڪسيلينسي وائسراءِ جي معرفت، هز مئجسٽي جي سرڪار تائين هن صوبي جي مسلمانن جون خواهشون پھچايون وڃن. جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايتون، سياسي ۽ اقتصادي نظريا به مختلف آهن، جيڪي هندن کان بلڪل علحده آهن. تنھنڪري کين حق پھچي ٿو ته هڪ قوم ٿي رهن؛ جن جون پنھنجون آزاد قومي رياستون هجن، جيڪي هندستان جي ننڍي کنڊ جي انھن علائقن مان ٺاهيون وڃن، جتي اهي (مسلمان) اڪثريت ۾ آهن، تنھنڪري اهي پرزور اعلان ٿا ڪن ته کين اهڙو ڪوبه آئين قبول نه هوندو، جيڪو مسلمانن کي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رکي، جنھن تي ٻيا قابض هجن. جيئن ته ايندڙ وقت ۾ کين پنھنجن اصولن مطابق آزاديءَ سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تنھنڪري هنن لاءِ ضروري آهي ته سندن پنھنجون آزاد قومي رياستون هجن. اهڙي ريت جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو ته ان جي ڪري خوفناڪ ۽ ڏکين نتيجن واري گهرو جنگ يقيني آهي.“ ان ٺھراءُ جي 24 ميمبرن حمايت ڪئي، جڏهن ته صرف ٽن مخالفت ڪئي. جن ميمبرن مخالفت ڪئي انھن ۾ راءِ گوڪلداس ميولداس، ڊاڪٽر هيمنداس آر. واڌواڻي ۽ مسٽر لولومل آر. موٽواڻي شامل هئا. تحريڪِ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو: پاڪستان جي قيام جي جدوجھد ۾ سنڌ جيڪو بنيادي، اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي اصلي خالق سنڌ ئي آهي. اصل ۾ هندن جا انتھا پسند رويا ڏسي سنڌ جي مسلمانن محسوس ڪيو ته هندو ڪڏهن به سندن خيرخواهه نه ٿي سگهندا، انھيءَ ڪري مسلمانن جي هڪ مضبوط جماعت ۽ قيادت جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي. انھيءَ نقطه نگاهه کان هنن پنھنجي ڀلائي ۽ بھتري مسلم ليگ سان وابستگي ۾ ئي سمجهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل ۽ مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. هن شاخ جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو بمبئي وڃي قائداعظم سان ملي، اجازت وٺي آيو. شاخ قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جلسا ٿيڻ لڳا. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن جي صدارت قائداعظم ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ ڪوٺيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ ٺھراءُ پاس ڪيو، جنھن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت ٺاهي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان ٺھراءُ جو پس منظر بيان ڪندي پير علي محمد راشديءَ لکيو آهي ته: ”مون حاجي صاحب (عبدالله هارون) کان پڇيو ته ان مسئلي (مسلمانن جي حقن) جو مستقل حل اوهان جي نظر ۾ ڪھڙو آهي؟“ فرمايائين ته: ”حل ٻيو ڪھڙو آهي؟ سواءِ ان جي ته ھندستان کي ورهائي ان جا ٻه حصا ڪجن ۽ اهي علائقا جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مسلمانن جي حوالي ڪيا وڃن.“ انھن ئي جذبن ۽ ارادن تحت ڪراچي ڪانفرنس جي مھتم سيٺ حاجي عبدالله هارون، ڪراچي ڪانفرنس جي اجلاس ۾ استقبالي خطبي ۾ چيو هو ته: ”اسان اڳ ۾ ئي ان منزل تي پھچي چڪا آهيون، جتان اسان جا رستا جدا جدا ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن اسان جو (حق ۽ مطالبن جو) مسئلو حل نه ڪيو ويو ته دنيا جي ڪابه طاقت هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ ڪٽجي، ورهائجي وڃڻ ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشنن هيٺ رهڻ کان روڪي نه سگهندي.“ ان ڪانفرنس ۾ قائداعظم تقرير ۾ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته سنڌ صوبو ھندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون، انھن کان اوهان باخبر آهيو. جيڪڏهن اوهان پنھنجا اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ته اوهان جي صوبي جي مسلم ليگ کي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. 1925ع جي ائڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اعتراض جوڳيون آهن، ان هوندي به سنڌ جي ماڻهن لاءِ، خاص طرح سان مسلمانن جي اقتصادي، اخلاقي، تعليمي ۽ سياسي سجاڳيءَ جي لحاظ کان ان مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ، ان کي استعمال ڪرڻ ضروري آهي.“ هي ڪانفرنس تمام گهڻي ڪامياب وئي ۽ هن ئي ڪانفرنس ۾ هندستان جي ورهاڱي جو بنياد رکيو ويو. ان کانپوءِ پاڪستان حاصل ڪرڻ واري فضا تيار ٿيڻ لڳي ۽ جدوجھد شروع ٿي وئي. 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي عھديدار جي باقاعدي چونڊ ٿي ۽ سر حاجي عبدالله هارون صدر ٿيو ۽ جدوجھد مختلف مرحلا طئي ڪندي. نيٺ ساڀيان ٿي. آخرڪار طويل جدوجھد کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو. (وڌيڪ ڏسو: پاڪستان)


هن صفحي کي شيئر ڪريو